غلام حسين خالق ڏنو هال، ڪراچي

غلام حسين خالق ڏنو هال، ڪراچي

خالق ڏنو هال ڪراچي

خالق ڏنو هال ڪراچي: هن هال کي خلافت تحريڪ جي حوالي سان خـاص اهميت حاصل آهي، خالق ڏني هال جي عمارت سيٺ غلام حسين خالق ڏني جي نالي سان منسوب ٿيل آهي، خالق ڏنو هال ڪراچيءَ جي پهرين عوامي لائبريري جي جاءِ تي واقع آهي، 1905ع ۾ هن هال جي تعمير جو ڪم شروع ٿيو ۽ 1906ع ۾ اها عمارت ٺهي راس ٿي، هن عمارت تي مجموعي طور 38 هزار خرچ آيو، هن عمارت ۾ هڪ 70 فوٽ ڊگهي ۽ 40 فوٽ ويڪري هال کان سواءِ لائبريري جي لاءِ ٻه ڪمرا به تعمير ٿيل آهن. هن عمارت جي تعمير کان پوءِ هن هال ۾ ڪراچي جون مختلف سماجي ۽ سياسي تقريبون ٿيون. 1921ع ۾ هن هال ۾ مولانا محمد علي جوهر ۽ ان جي ساٿين تي بغاوت جو ڪيس هليو، انهيءَ ڪري هن عمارت کي تاريخي حيثيت حاصل ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو